ٽرين ۾ پوليس اھلڪار جي تشدد جي شڪار عورت جو لاش ھٿ

لاھور (ويب ڊيسڪ)چنيگوڙ ريلوي اسٽيشن وٽ ملت ايڪسپريس ۾ ريلوي پوليس اهلڪار تي تشدد ڪندڙ عورت جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب 7 اپريل جي رات ريلوي پوليس اهلڪار عورت کي تشدد بعد پاڻ سان گڏ کڻي ويا، عورت جو تعلق جڙانوالا سان آهي.عورت جي ڀاءُ افضل ٻڌايو ته سندس ڀيڻ ڪراچي ۾ هڪ بيوٽي پارلر ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ عيد ملهائڻ لاءِ ڪراچي کان جڑانوالا اچي رهي هئي.هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زيادتي بعد سندس ڀيڻ جي موت جي جاچ ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو