ٽريفڪ جي روڪٿام ۽ غير قانوني پارڪنگ جي خاتمي جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٽريفڪ مسئلن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪمشنر ڪراچي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ غير قانوني پارڪنگ ايرياز خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جڏھن تھ ان قدم کان پوءِ ڪو به ادارو ٽريفڪ پوليس جي مشاورت کانسواءِ پارڪنگ جي جاءِ مقرر نه ڪندو. وڏي وزير چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ جا مسئلا پيدا ڪرڻ ۾ مختلف ادارا ملوث آهن تنھنڪري هن ڪراچي پوليس، ٽريفڪ پوليس، ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو، ساپا SAPA جو گڏيل اجلاس گهرايو آهي. اجلاس ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، سياحت ۽ ماحوليات وارو وزير ارشد ولي محمد، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري گهرو کاتو اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس رفعت مختار، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ اقبال دارا، ڊي آءِ جي ڊرائيونگ لائسنس عرفان بلوچ، ڊي جي ساپا وارث گبول، ڊائريڪٽر ٽريفڪ انجنيئرنگ طارق رفيع ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ اقبال دارا وڏي وزير کي شهر ۾ ٽريفڪ پوليس جي مجموعي تعداد ۽ ٽريفڪ جي مسئلن بابت بريفنگ ڏني. ٽريفڪ پوليس: ٽريفڪ پوليس جو ٽوٽل تعداد 9077 آهي جنهن مان 6699 ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 26.1 سيڪڙو يعني 2378 پوليس اهلڪارن جي کوٽ آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 9500 ڪلوميٽرن تي روڊ ڄار پکڙيل آهي جتي 65 لک گاڏيون سميت 4054546 موٽرسائيڪلون هلي رهيون آهن. شهر ۾ هر سال اٽڪل 350000 نيون گاڏيون رجسٽرڊ ٿين ٿيون ۽ 65000 اضافي رڪشا شهر ۾ غير قانوني رستن تي هلن پيا. 2023ع دوران ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 1.62 ملين ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون جن مان 836.12 ملين رپيا ڏنڊ اوڳاڙيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گرين ۽ اورينج لائنن جهڙا ماس ٽرانزٽ سسٽم شامل ڪري ٽريفڪ جا مسئلا حل ڪيا ويندا. يونيورسٽي روڊ ۽ ان جي ويجھو ٽريفڪ جام جو مسئلو جاري ريڊ لائين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ تاخير جو نتيجو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر جي علائقن ۾ شام 6 کان 11 وڳي تائين ھيوي ٽريفڪ تي پابندي هوندي جڏهن ته ضروري سامان کڻڻ واري گاڏين کانسواءِ ڏينهن جي وقت شهر ۾ وڏي ٽرئفڪ ھلڻ تي سيڪشن 144 Cr.P.C لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽريفڪ مسئلن جو حل ماڙيپور ايڪسپريس وي جهڙن پروجيڪٽ شروع ڪرڻ ۽ لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽرانسپورٽ لاءِ نئين سر ترتيب ڏيڻ ۾ آهي. ان تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ ٺاهيو ويو هو جنهن جي ڪنسلٽنٽ لکت ۾ تصديق ڪئي آهي رڳو اين ايڇ اي ان مدي کي کنيو آهي ٻي صورت ۾ اهو معاملو حل ڪيو ويو آهي ۽ لياري ايڪسپريس وي تي هيوي ٽريفڪ جي اجازت ڏني ويندي. وڏي وزير ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي سربراهي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا گڏجي مسئلا حل ڪندي ته جيئن لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ پاران ٽريفڪ جي سڌريل وهڪري ۾ جن رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي انهن ۾ لياقت آباد فلائي اوور جو مٿانهون ريمپ آهي جيڪو ڪريم آباد آڏو ايس ايم توفيق روڊ، الڪرم اسڪوائر ڏانهن وڃي آهي جنهن کي ويڪرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناگن چورنگي ۾ صديق اڪبر مسجد جي سامهون، شاهراهه عثمان رمز گرين لائين بي آر ٽي اسٽيشن سبب تنگ آهي تنھنڪري فوٽ پاٿ جي ويڪر گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. طارق روڊ تي اتحاد سگنل تي غني يونيفارم آڏو غير ضروري ڪٽ لڳل آهي جنهن سبب اچ وڃ شروع ٿي رهي آهي ۽ ان کي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت 11 رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪي روڊ کي ويڪرائي ختم ڪري سگهجن ٿيون. وڏي وزير ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور دورو ڪري سندن مسئلا حل ڪري. ٽريفڪ پوليس پاران ٽريفڪ جام جو ٻيو مسئلو حددخلين جو ھو جنهن تي وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت کي حددخليون هٽائي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر جي موجوده نقشي ۽ مستقبل جي ترقيءَ لاءِ پائيدار، موثر ٽرانسپورٽ سسٽم لاءِ هڪ باڊي/اٿارٽي تحت هڪ کان وڌيڪ ايجنسيون ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي (KRTA) کي دبئي جي ماڊل تي قائم ڪري سگهجي ٿو. KRTA حڪمت عملي/پاليسي فيصلا ڪرڻ لاءِ ذميوار بورڊ طرفان سنڀالي سگهجي ٿو. KRTA کي روڊن جي انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال، بهتري ۽ خوبصورتي جي ذميواري سونپي وڃي. ٽريفڪ سان لاڳاپيل بنيادي انفرااسٽرڪچر جي ترقي ۽ سار سنڀال (سگنل، نشانيون وغيره) پڻ KRTA کي سونپيا ويندا. …

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو