ٽرالر رڪشي واري نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو

پنوعاقل (ن س) قومي شاهراهه تي بائجي چوڪ وٽ تيزرفتار ٽرالر رڪشي کي ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ رڪشه سوار نوجوان سجاد جلالي  چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. نوجوان جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتان کيس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن پنوعاقل پوليس ڪارروائي ڪندي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو