ٽانڪ  ۾ پوليس وين تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، 3 سخت زخمي

ٽانڪ ۾ پوليس وين تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، 3 سخت زخمي

ٽانڪ (ويب ڊيسڪ)ٽانڪ ۾ پوليس وين تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ڊي پي او ٽانڪ موجب پوليس وين معمول جي گشت تي هئي ته پٺاڻ ڪوٽ ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.ڊي پي او جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي حملي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا ۽ 3 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو