ٽانڪ ۾ آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿنڀن جي تلاشي ورتي وئي ۽ 4 دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو.آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، آپريشن 28 کان 29 اپريل جي وچ ۾ ڪيو ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي فورسز جي هن آپريشن کي مقامي ماڻهن ساراهيو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو اهو به چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو