ٽارگيٽ ڪلنگ جاري، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا بند نه ٿي سگهيا، جنهن سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو،ٽارگيٽ ڪلنگ جو اهو واقعو ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ضياءَ ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻو مارجي ويو،واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي آهي جنهن ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدارن کي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪي شهري کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا،ٻئي طرف ڪراچي جي علائقي بڊبورڊ ۾ ڦر مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو