اسلام آباد ( بيورو) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ٽئڪس قانونن جي ٻئي ترميمي آرڊيننس 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.صدر طرفان اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي ڏني وئي.آرڊيننس ذريعي سيلز ٽئڪس ايڪٽ 1990ع، انڪم ٽئڪس آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.ان آرڊيننس سان فيڊرل ايڪسائز ايڪٽ 2005ع ۽ فنانس ايڪٽ 2022ع ۾ پڻ ترميمون ڪيون ويون آهن.










