ٻٽيرا ۽ سيڪس، مهمان پکين جو غيرقانوني شڪار شروع

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) گرمي جو موسم ختم ٿيندي ئي مهمان پکين جي آمد شروع ٿي وئي آهي سائيبريا ۽ ٻين ملڪن کان آيل ٻٽيرن ۽ ٻين ناياب پکين جي شڪار لاءِ شڪاري به سرگرم ٿي ويا آهن. گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن گڻگي، ٻيلو ميرپور، سليم آباد، کينجهو، داد لغاري، خانپورمھر، کروهي، فتح پور ۽ ٻين علائقن ۾ شڪارين پاران غير قانوني طور شڪار  لاءِ ڄار لڳايا ويا آهن.

چالاڪ شڪاري آڊيو ٽيپ ۾ پکين جا آواز لڳائي پکين کي گمراھ ڪري ٽريپ ڪن ٿا. گهڻي ڀاڱي ٻٽيرا پکي ساٿي پکين جا آواز ٻڌي  شڪارين جي ڄار ۾ ڦاسن ٿا. گهوٽڪي ضلعي جو جهنگلي جيوت کاتو خاموش آهي جهنگلي جيوت کاتي جا عملدار ڪٿي به نظر نه پيا اچن. ڪجهه علائقن ۾ پنجاب جا شڪاري به آيا آهن جيڪي 30 روپيا في پکي وڪرو ڪن ٿا. هوٽلن تي ماڻهو ٻٽيرن جي ڪڙهائي شوق سان کائين ٿا. شڪارين افواهه ڦهلايا آهن ته ٻٽيرن جو گوشت کائڻ سان جنسي قوت ۾ اضافو ٿئي ٿو. جڏهن ته ان جو ڪو به سائنسي دليل موجود ناهي. ڪجهه ماڻهو آڙين، نيرڳ ۽ ٻين آبي پکين جو پڻ شڪار ڪن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ضلعي ۾ ڇاپو هڻي جنگلي جيوت کاتي وارن 31 زندهه آڙيون پڪڙي ٻن شڪارين کي عدالت ذريعي جيل اماڻيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو