ٻي شادي ڪرڻ تان گهر ۾ سُتل ڀيڻويو سالي هٿان قتل

ٻي شادي ڪرڻ تان گهر ۾ سُتل ڀيڻويو سالي هٿان قتل

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) ڳوٺ مرچو بڊاڻي ۾ جوابدار حضوربخش خروس صبح جو سوير گهر ۾ ننڊ پيل پنهنجي سئوٽ ۽ ڀيڻويو قبول محمد خروس کي ڪھاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو. مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سندس پيڇو ڪيو پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن بعد مقتول جا وارث لاش گڻنگ ٿاڻي تي کڻي ويا جتي گڻنگ پوليس کين اهو چئي واپس ڪيو ته اها چڪ ٿاڻي جي حد آهي، جتان لاش چڪ ٿاڻي تي آندو ويو، جڏهن ته چڪ پوليس به حدبندي جو جواز ڄاڻائي پوسٽ مارٽم ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوجنهن ڪري لاش ڪيترائي ڪلاڪ چڪ ٿاڻي تي پيل رهيو. وارثن جي احتجاج بعد چڪ پوليس حدبندي معلوم ڪئي جنهن ۾ واقعي واري حد چڪ ٿاڻي جي ڪنفرم ٿيڻ بعد چڪ پوليس لاش کڻائي لکي غلام شاھ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارث عورتون لاش کي چنبڙي ماتم ڪنديون رهيون. ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول آهن ته مقتول نوجوان کي ٻي شادي ڪرڻ تان پهرين گهرواري جي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، جڏھن ته واقعي جي حد نه هئڻ باوجود گڻنگ پوليس شڪ ۾ 2 ڄڻا پڻ گرفتار ڪري ورتا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو