ٻيلو لڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيءُ پٽ فوت

ٻيلو (رپورٽ:شعيب الرحمان)ڳوٺ بچو سهتو ۾ 19 سالا نوجوان صفر سهتو بجلي ٺاهي رهيو هو ته بجلي جي ڪرنٽ سبب بجلي جي وائرن ۾ جڪڙجي ويو کيس وائرن مان ڇڏائڻ لا۽ سندس پيئ 48 سالا پرائمري استاد جعفر سهتو وڌيو ته هو به بجلي جي وائرن ۾ جڪڙجي ويو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻئي پي۽ پٽ تڏي تي فوت ٿي ويا گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانيل آهي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل 17 سالا نوجوان صفر سهتو جي ٻه مهينه اڳ شادي ٿي هئي جڏنهن ساڻس گڏ فوت ٿيل سندس پي۽ 48 سالا پرائمري استاد جعفر سهتو جون ٻه شاديون ٿيل هيو 4 پٽ ۽ 8 نياڻين جو اولاد هو کين پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما۽ حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو