ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (UNDP) جي ريزيڊنٽ نمائندي مسٽر سموئيل رزڪ (Samuel Rizk) وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گذريل سال گڏيل ميزباني ڪندڙ ”ترقي يافته سنڌ: دور کان تعمير تائين“ ڪانفرنس کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سالگره ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت UNDP سان گڏجي ڪراچي ۾ سنڌ جي عوام کي عالمي ۽ قومي سطح تي مدد لاءِ ”ترقي يافته سنڌ: دور کان تعمير تائين“ جي عنوان هيٺ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو شرڪت ڪئي. وڏي وزير جسٽس باقر، يو اين ڊي پي پاران صوبي جي عوام جي ٻوڏ بحالي واري پروگرام ذريعي مدد ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي جيڪو هائوسنگ ۽ ڪميونٽي انفراسٽرڪچر، معاشي بحالي، سرڪاري سهولتن جي بحالي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ، ماحولياتي تحفظ سميت ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيندڙ ادارو آهي. وڏي وزير ۽ يو اين ڊي پي جي نمائندن پراجيڪٽ ريسڪ گورننس فريم ورڪ جي منصوبي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. UNDP هڪ پائلٽ پروجيڪٽ ريسڪ گورننس فريم ورڪ پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن تحت هڪ عملدرآمد لاءِ هڪ صوبائي صلاحڪار ۽ ٽي ضلعي صلاحڪار مقرر ڪري چئن مهينن لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو وڏي وزير کي ٻڌايو ته پائلٽ پروجيڪٽ ٽن ضلعن نوشهروفيروز، ڄامشورو ۽ ٺٽي ۾ شروع ڪيو ويو آهي.يو اين ڊي پي جي نمائندي چيو ته پائلٽ پراجيڪٽ تحت چونڊ معيارن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ضلعن ۾ گهرن جي نقصان کي بحال ڪرڻ آهي جڏهن ته جاگرافيائي پکيڙ تحت ٻهراڙي ۽ شهري نمائندگي تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان پروگرام جي مثبت موٽ ملڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي آفت سٽيل علائقن وارن ضلعن تائين وڌايو ويندو. وڏي وزير ۽ يو اين ڊي پي جي ڪنٽري چيف وچ ۾ هلندڙ منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ پائيدار ترقي جا مقصد (SDG)، نوجوانن جي تعليم، روزگار، بااختيار بڻائڻ جا منصوبا، استحڪام ۽ جامع ترقياتي پروگرامن جي نفاذ لاءِ امدادي منصوبا شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سبب سنڌ صوبي تي خراب اثر پيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کان اڳ ئي عالمي مالياتي فنڊ وارو ادارو (IMF) پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته 30-2020 لاءِ قومي سطح تي SDGs لاءِ سالياني فنانسنگ کوٽ 3.72 ارب ڊالر آهي، هن وڏي خال کي پورو ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڀاڱي ڀائيوارن ۽ اعتمادي فنڊز ذريعي اهم گرانٽ فنانسنگ جي ضرورت آهي. دوري تي آيل UNDP جي نمائندي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته سندس ادارو سنڌ جي عوام جي بحالي واري ڪم ۾ مدد جاري رکندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو