ٻوڏ سبب پاڪستان جي جي ڊي پي گروٿ ناڪاري رهڻ جو خدشو

ٻوڏ سبب پاڪستان جي جي ڊي پي گروٿ ناڪاري رهڻ جو خدشو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) قومي اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس 22 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هلندڙ مالي سال جي جي ڊي پي گروٿ جي منظوري ڏني ويندي.منصوبابندي واري وزارت جي ذريعن موجب قومي اڪائونٽس ڪميٽي جو 18 مئي تي طلب ڪيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال جي جي ڊي پي گروٿ جي منظوري ڏني ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي جي واڌ جو هدف 5.01 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو پر ٻوڏ جي تباهي سبب جي ڊي پي گروٿ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.ٻوڏ سبب زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ ڪاروبار تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، وڏين صنعتن جي ترقي منفي رهي آهي. پاڪستان جي جي ڊي پي جي ترقي تمام گهٽ يا منفي ٿيڻ جا خدشا پڻ آهن.آءِ ايم ايف پاڪستان جي جي ڊي پي ترقي جو اندازو 0.5 سيڪڙو، ورلڊ بينڪ پاڪستان جي جي ڊي پي جي واڌ جو اندازو 0.4 سيڪڙو ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي جي ڊي پي جي واڌ جو اندازو 0.6 سيڪڙو لڳايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو