ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪيو ويو آھي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آھي ته ٻار اسان جو قيمتي اثاثو آهن، سهولتون فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي ذميواري آهي.تعليم، صحت ۽ صاف پرامن ماحول ٻارن جي بهتر صحتمند لاءِ ضروري آهي.جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ٻارن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تباهيءَ جي ڪري اٽڪل 19 هزار اسڪولن کي نقصان پهتو آهي.










