ٻارڙن کي ٽائيفائڊ کان بچاءُ جا ٽيڪا لڳرايا وڃن؛ ڊي ايڇ او

سکر (امداد علي ڪلوڙ) صوبائي وزير صحت جي هدايتن تي 18 کان 30 نومبر 2019ع تائين ٽائيفائڊ کان بچاءُ جي حفاظتي ٽيڪن جي آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي صدارت هيٺ ڊي ايڇ او آفيس سکر ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ صحت کاتي جي آفيسرن، ڊاڪٽرن، ميڊيا جي نمائندن ۽ پيراميڊيڪل عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او سکر منير احمد مڱريو ٻڌايو ته سکر ضلعي جي شهري آبادي واري 24 يونين ڪائونسلز اندر 9 مهينن کان 15 سالن جي عمر تائين ٻارڙن کي ٽائيفائڊ کان بچاءُ جي حفاظتي ويڪسينيشن متعلق 12 ڏينهن تائين جاري رهندڙ آگاهي مهم 18 نومبر کان شروع ڪئي ويندي. آگاهي مهم ۾ تعلقه پنوعاقل، سکر سٽي، تعلقه روهڙي ۽ تعلقه نيو سکر جون يونين ڪائونسلز شامل هونديون. ان موقعي تي ڊي ايڇ او سکر وڌيڪ ٻڌايو ته سکر ضلعي جي مجموعي 552 اسڪولن اندر تعليم پرائيندڙ 140486 شاگردن کي ٽائيفائڊ کان بچاءُ جا ٽيڪا لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ فيڪسڊ سائيٽ ٽيم، آئوٽ ريچ ٽيم ۽ موبائل ٽيم لاءِ تجربيڪار عملو مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته هلندڙ سال جي ڊسمبر مهيني کان پوءِ ٽائيفائڊ کي روٽين اميونائيزيشن ۾ شامل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو