حيدر آباد (پ ر) شيدي ڳوٺ ۾ زميندار جي بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ نينگر راشد کوسي جي بيرحماڻا قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، مرڪزي اڳواڻ فريد سولنگي ۽ مقصود جکرو چيو آهي ته ٻارڙن کي قتل ۽ زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي سنڌ حڪومت سرپرستي ڪري رهي آهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ اهڙي قسم جا واقعا روز جا معمول بڻجي ويا آهن. سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن چيو گذريل 15 سالن کان سنڌ حڪومت جي نااهلي ڪري سنڌ جا ڪيترائي ٻار غربت ۽ بدحالي ڪري بنگلن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جي علائقي شيدي ڳوٺ ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ 12 سالن جي معصوم نينگر راشد کوسي کي قتل ڪيو ويو پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڃا به ننڊ ستل آهن. معصوم راشد جي قتل جي ايف آئي آر هن وقت تائين داخل ڪون ٿي آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پوليس مڪمل طور جوابدار در جي ونگار وهي رهي آهي. سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم نينگر راشد کوسي جي قتل جو نوٽيس وٺي جڊيشل ڪئيشن جوڙي عدالتي جاچ ڪرائين ته جئين معصوم نينگر راشد کوسي جا قاتل ڪيفر ڪردار تائين پهچي سگهن.
