ٺڳ پئسا ٻيڻا ڪرڻ بهاني پورهيتن جا گهر ٻُهاري ويا

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ڳوٺ غلام محمد ٻٻر جي پورهيت رهواسين لال جي ڀيل، ڍولو ڀيل، ساجن ڀيل پريس ڪلب ڪلوئي پهچي سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسين غريب مسڪين ماڻهو آهيون اسين ڪاٺ وڍي ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون. ھنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ يوسف چانڊيو جي رهواسين خدا بخش چانڊيو، ڏاڏو بچل چانڊيو، رفيق چانڊيو ۽ جاويد بلوچ اچي اسان کي چيو ته اسان وٽ هڪڙي سرڪاري مشين آهي جيڪا ٻيڻا پئسا ڪري ڏئي ٿي. مٿي ڄاڻايل ٺڳن جي لالچ ۾ اچي اسان کي چار لک رپيا ٺڳي ويا. هنن چيو ته جڏهن اسان ٺڳن پاران ڏنل ڊبل پئسن وارو بيگ کوليو ته رڳو سفيد رنگ جا ڪاغذ پيل هئا جنهن کان پوءِ اسان مٿي ڄاڻايل جوابدارن وٽ نياڻين جو ميڙ وٺي وياسين ته اسان غريب آهيون اسان سان ٺڳي ڪيل پئسا واپس ڪيو جنهن تي جوابدار مڇرجي قتل جون ڌمڪيون ڏئي ڳوٺ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. هنن چيو ته جنهن کان پوءِ اسان اهڙي درخواست ايس ايس پي ٿرپارڪر احمد عبدالله يار کي ڏني جنهن ڪلوئي ٿاڻي تي حڪم ڏنو ته واقعي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته جنهن کان پوءِ ڪلوئي پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار رفيق چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر اڃان تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي هنن چيو ته اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر سيشن جج مٺي ايف آئي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گهر ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڪلوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رسول بخش جونجه چيو آهي ته اسان کي ايس ايس پي طرفان واقعي جي جاچ جو حڪم مليو آهي ۽ اسان هڪ جوابدار رفيق چانڊيو گرفتار ڪيو آهي ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون ۽ جاچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهي ته مٿي ڄاڻايل جوابدارن جي هڪ وڏي گينگ آهي جيڪا سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڻهن کي ڊبل پئسا ڪري ڏيڻ جي بهاني ڦري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو