ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ٻيلي جي زمينن تي قبضا برقرار، فصل بيٺل

دڙو (رپورٽ امداد ميمڻ) سپريم ڪورٽ طرفان سخت حڪم جاري ٿيڻ باوجود سجاول, ٺٽي ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن جي کڏي, مولچند, جراڙ, ھديراڻي, فتع پور, مولچند پڪو, ويران, ٻائو پورنداس سميت 12 ٻيلن جي 10 ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمينن تان بااثر ماڻھن جا ڪيل ناجائز قبضه ختم نه ٿيا. ٻنون فاريسٽ رينج کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي ٻيلن تي بااثر ماڻھن جي بادشاھت قائم. روزاني “سنڌ يار” پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ڪچي جي ٻارنھن ٻيلن ۾ اربين روپين جي عمارتي ڪاٺ جي واڍي بعد خالي ٿيل ناياب سرڪاري زمينن تي قابض بااثر وڏيرن اربين روپين جا قيمتي فصل پوکي ڇڏيا آھن. وڏي تعجب واري ڳالھ اھا آھي. ته سنڌ حڪومت ۽ صوبائي فاريسٽ کاتو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ٻيلن اندر آپريشن ڪري سرڪاري زمينون خالي ڪرائڻ جي دعوي ڪري رھيو آھي پر اھا به ڇرڪائيندڙ حقيقيت سامھون آئي آھي. ته ٻنون فاريسٽ رينج کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين سنڌو درياھ جي ٻنھي پاسن وارن ٻيلن جي ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي اربين روپين جا قيمتي فصل جن ۾ ڪمند, ڪيلو, ڪڻڪ, ساريال, سورج مکئي, سبزي, جوئر, ٻاجھر ۽ چيٽن جي مختلف فصلن جي آبادي نظر اچڻ لڳي آھي. جنھن سان سنڌ جي ٻيلي کاتي پاران ڪچي جي زمينن تان قبضا خالي ڪرائڻ واري پت وائکي ٿي ويئي آھي. ڪچي جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاء پڪي وارن علائقن جي واٽر ڪورسن, واھن ۽ شاخن مان آبپاشي ۽ فاريسٽ عملي جي مدد سان متبادل طور پاڻي پھچايو پيو وڃي. جنھن سان سرڪار کي پاڻي جي مد ۾ روزانو لکين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي. رپورٽ موجب ٻيلي کاتي جي عملي طرفان سمورن ٻيلن مان وڻن جي واڍي ٿيڻ کانپوء غير سرڪاري طور ڪچي جي زمينن جي چوڪڙين جا مختلف ريٽ مقرر ڪيا ويا آھن. ذريعن موجب فاريسٽ عملو ڪچي جي في چوڪڙي 10 ھزار کان 20 ھزار روپين ۾ وڪرو ڪري رھيو آھي. جڏھن ته فاريسٽ کاتي عملي طور ٻيلن اندر سرڪاري زمينن تي قبضاگير ماڻھن خلاف اڃا تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي. ڪچي جي ٻيلن تي بااثر ماڻھن جي بادشاھت اڃا تائين قائم آھي. رشوت ۽ اقرباپروري تحت ڪچي جي زمينن تي قبضا ٿيل آھن. ھوڏانھن سجاول, ٺٽي ۽ ٽنڊو محمد جي سڄاڻ حلقن ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن منظور ميمڻ, انور ملاح, راجه ميمڻ ۽ ٻين سپريم ڪورٽ, سنڌ ھائي ڪورٽ, وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي آھي. ته سجاول, ٺٽي ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن جي ٻيلن جي ھزارين ايڪڙ زمينن تان ناجائز قبضه خالي ڪرائي ٻيلن ۾ نئين سر وڻن جي پوکائي ڪري ماحول کي آلودگي کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو