يو اي اِي  پاران اسرائيل تي پابندين وارو قانون ختم

يو اي اِي پاران اسرائيل تي پابندين وارو قانون ختم

دبئي(ويب ديسڪ) گڏيل عرب امارات پاران اسرائيل سان تعلقات جي بحالي بعد سندس بائيڪاٽ بابت قانون ۾ تبديلي لاءِ فرمان جاري ڪيو ويو آهي. امارات جي سربراهه شيخ خليفه زيد بن النهيان پاران جاري ڪيل فرمان ۾ 1972 واري اسرائيل جي بائيڪاٽ ۽ سزائن بابت وفاقي قانون نمبر 15 کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ تجارتي سرگرميون بحال ٿينديون. يو اي اِي ٽيون عرب ملڪ آهي جنهن اسرائيل سان پنهنجا تعلقات بحال ڪيا آهن. اسرائيل جو وفد تل ابيب کان سومر 31 آگسٽ تي تجارتي فلائٽ ذريعي پهچي رهيو آهي ۽ اهو پهريون ڀيرو هوندو ته ٻنهي ملڪن ۾ فلائٽ سروس به بحال ٿيندي. ان وفد سان گڏ آمريڪي صدر ٽرمپ جو ناٺي به اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو