ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات آمريڪا جي سربراهي ۾ 38 رڪني گلف ميري ٽائيم الائنس سان ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي اخبار موجب آمريڪا جي سربراهي ۾ گلف ميري ٽائيم اتحاد جهازن جي حفاظت ڪندو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب يو اي اي اماراتي جهازن کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي آمريڪا سان ناراضگي جو اظهار ڪيو، جنهن تي يو اي اي آمريڪا جي سربراهي ۾ 38 رڪني گلف ميري ٽائيم الائنس سان گڏ ڪم بند ڪري ڇڏيو.
