ميرپورخاص (ن س) آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جو ڪيس لوڙهڻ خلاف ايس ٽي پي طرفان بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نمرتا جو معاملو هڪ سادو معاملو آهي کيس قتل ڪيو ويو آهي. اسان نه هتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪريون ٿا نه حڪومت ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا اسان جو سادو مطالبو آهي ته نمرتا جا اصل قاتل گرفتار ڪيا وڃن. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا لاڳيتو هن قتل ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪڏهن نمرتا ڇت ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي ته ان جو لاش هيٺ پٽ تي پاسيرو ڪيئن پيل هو ڇا خودڪشي ڪندڙ ماڻهو ڦاهو کائڻ کان پوءِ پاڻ ئي اچي هيٺ ليٽي سگهي ٿو؟ هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ نياڻين جون عصمت دريون ڪري انهن جا خون لوڙهيا پيا وڃن جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو وڏن ادارن ۾ پنهنجون نياڻيون داخل ڪرائڻ کان لنوائي رهيا آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته لاهور ليبارٽري جي رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته پوليس غلطي جو مظاهرو ڪيو فنگرپرنٽس واضح ۽ چٽا نه موڪليا ويا، نمرتا جو رئو دير سان موڪليوويو ته ڊي اين اي ۾ ثبوت ظاهر نه ٿين. پوليس يونيورسٽي انتظاميا سان ملي قاتلن کي بچائڻ لاءِ ثبوت ختم ڪيا آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان هن ڪيس کي زنده رکڻ چاهيون ته جيئن نائلا رند جيان هي ڪيس به ماڻهن کان وسري نه وڃي. قادر مگسي الزام هڻندي چيو ته حڪومتي ڪارندا نمرتا جي قتل ۾ ملوث آهن، جيڪي قتل جا ثبوت ختم ڪرائڻ لاءِ لاڳيتو سرگرم آهن. ان موقعي تي گلزار سومرو، مير يونس ٽالپر،گلزار مگسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.جنهن بعد ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي تيز گام سانحي ۾ شهيد ٿيل وقار مري ۽ حسن مري جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ پوليس حراست ۾ فوت ٿيل ورجانگ ۽ لڇمڻ ڪولهي جي وارثن وٽ پهچي ڏک پڻ ونڊيو.
بس اڏن جي شهر کان ٻاهر منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو
وڏي وزير طرفان شاهد رسول کي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد
ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڦر جي ڪوشش ناڪام، 2 ڄڻا مارجي ويا
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسي لاءِ سڄو سامان ڪي پي مان آڻڻ جو فيصلو
نيب ترميمن جي بحالي بعد 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت جي گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان راجا جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت جون اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار