يونين ڪائونسل سطح تي شناختي ڪارڊن جي تجديد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ يونين ڪائونسلن جي سطح تي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۽ ان جي تجديد کي آسان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.شناختي ڪارڊ سسٽم کي فول پروف، بهتر ۽ تيز بڻائڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو. ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اهڙو منصوبو ٺاهيو ته جيئن نادرا سينٽرن تي اچڻ وارن کي آساني ٿئي ۽ ڪم دير سان ٿي سگهي.هن 7 ڏينهن ۾ 6 وڏن شهرن ۾ نادرا سينٽر وڌائڻ جو پلان پڻ طلب ڪيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به جعلي شناختي ڪارڊ مافيا خلاف موثر ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو