”يوسي چيئرمين معذورن جا به فنڊ هڙپ ڪري ويا“

گهوٽڪي( ن س) معذور اتحاد جي چيئرمين نصير چنا احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته گهوٽڪي جي 62 يونين ڪائونسلن اندر چيئرمين، وائيس چيئرمين توڙي سيڪريٽيري ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آهي , يوسين کي ملندڙ بجيٽ نمائندا ڪيترن سالن کان هڙپ ڪري رهيا آهن پر حڪومت خاموش بڻيل آهن , هن چيو ته گهوٽڪي جي يوسي ٻيرڙي , يوسي چنگلاڻي , يوسي کهارا , يوسي صالح مهر سميت ڪيترن يوسين جا چيئرمين بجيٽ هڙپ ڪري ويا آهن , هن وڌيڪ چيو ته مان معزورن جو اڳواڻ آهيان مان معزون جو درخواستون مختلف يوسين جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي ڏنيون پر هو معزورن کي ڪجھ ڏيڻ بجاء ويتر ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هن چيف جسٽس , نيب , ايف آء اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي اپيل ڪئي ته گهوٽڪي جي يوسين اندر ڪروڙين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري معزورن سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو