اسلام آباد(بيورو)ڀارتي راڄڌاني دهلي جي تههار جيل ۾ حريت اڳواڻ ياسين ملڪ 12 ڏينهن کانپوءِ بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته مونکي خوشي آهي ته منهنجي مڙس عظيم ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ 12 ڏينهن کانپوءِ تههڙ جيل ۾ بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي.مشعال ملڪ آواز بلند ڪرڻ ۽ دعا ڪرڻ تي سمورن ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو.










