وڻ هيٺان پنهنجي مدد پاڻ هيٺ اسڪول بحال، ٻارن م سرهائي

صوڀوديرو(مظهر علي مڱڻيجو) ڳوٺ محمد لائق سهتو جا معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم  سرڪاري  پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي ڪامورن جي نا اهلي سبب بند ڪري ڇڏيو . اسڪول جي زبون حال بلڊنگ ۽ استاد نه هئڻ ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ هيٺ وڻ هيٺان هڪ پرائيويٽ  استاد مقرر ڪري تعليم جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. اسڪول بند ٿيڻ بعد تعليمي سهولت بحال ٿيڻ تي ٻارن ۾ سرهائي ، سهولتون نه هئن باوجود  ٻار اسڪول اچڻ شروع ٿي ويا.

والدين ۽ ڳوٺاڻن پاران هنڱورجه،صوڀوديرو روڊ بند ڪرڻ ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيسن اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.  هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول کي مرمت ڪري بحال ڪري استاد مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾  نااهل انتظاميا ۽  آفيسرن جي بيحسي خلاف روڊن تي نڪرنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو