ڪچرو پکيڙيندڙ افغانين خلاف ايف آءِ آر داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) سيد مقبول باقر نقوي جي هدايتن تي ڪراچي جي اوڀر ضلعي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران غير قانوني طور ڪچرو گڏ ڪندڙ افغانين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جمشيد زون جي يو سي 8 ۾ افغاني رهواسي گندي نالن ۾ ڪچرو اڇليندا آهن، جنهن سبب نالن کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي.رپورٽ موجب افغاني رهواسي ڪچرو کڻندڙ سڄي علائقي ۾ گندگي پکيڙيندا آهن ۽ نالن کي به بلاڪ ڪندا آهن.ان معاملي تي سيد مقبول باقر نقوي هدايت ڪئي ته غير قانوني طور ڪچرو گڏ ڪرڻ ۽ پکيڙڻ وارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.ان حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته پوليس ڪچري جا غير قانوني ڊمپنگ پوائنٽس بند ڪري ڇڏيا آهن.بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته فيروز آباد ٿاڻي ۾ افغانين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو