وڏو وزير نيب ۾ پيش نه ٿيو، لکت ۾ جواب ڏئي ڇڏيو اٿم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ نيب ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪندي چيو ته جنهن معاملي ۾ طلب ڪيو ويو هو ان بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس، اينگرو پاور، نوري آباد پاور پلانٽ ۽ ٻين ڪيسن ۾ هلندڙ جاچ جي سلسلي ۾ اڄ کيس 11 وڳي پشس ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻو هو پر هو ڪون ويو. هن تي گههڻي ڀاڱي بطور وزير خزانه مبينه غلط ڪارين، بدعنوانين ۽ قانون جي ابتڙ زرداري گروپ جي ڪمپنين کي مالي فائدا پهچائڻ جو الزام آهي. هن تي اهو به الزام آهي ته سنڌ جي بجيٽ ۾ بيمار صنعتن جي بحالي لاءِ رکيل اربين روپيا مخصوص گروپ جي ملز کي ادا ڪيا ويا جن اها رقم پر ٻاهران ٻين مقصدن لاءِ خرچ ڪئي ۽ جن ملز جي بحالي لاءِ رقم ورتي اهي اڄ تائين بحال نه ٿي سگهيون آهن. سيد مراد علي شاهه اڳ ۾ جي آءِ ٽي ۾ هلندڙ جاچ ۾ به پيش ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ساڳين ڪيسن ۾ نيب آڏو پيش ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه جو ستارو گردش ۾ آهي ۽ نجومين موجب هو اڃان ٻه مهينا سخت دٻاءَ ۾ رهندو ۽ ان دوران کيس وڏ وزارت تان هٽائڻ جا به امڪان موجود آهن. مراد علي شاهه پاڻ چوندو رهيو آهي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو ۽ جاچ ۾ نيب سان مڪمل تعاون ڪري رهيو آهي. ڪجهه قانوني ماهرن جو خيال آهي ته نيب سان جاچ ۾تعاون ڪندڙ لاءِ ضروري ناهي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه حاضر ضرور ٿئي ٿو پر جاچ ۾ پيش رفت لاءِ گهربل ڪاغذ به نٿو ڏئي ۽ ڪيترن سوالن جا جواب به چٽا نٿو ڏئي ۽ اهڙي صورتحال رهي ته جهڙي طرح حاضر سروس اسپيڪر آغا سراج کي گرفتار ڪيو ويو هو ان طرح کيس به گرفتار ڪرنو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو