وڏ وزارت جو عهدو آسان ناهي، باهه جي درياءَ تان گذري آهيان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته وڏي وزير جي عهدي تي پهچڻ منهنجي لاءِ آسان نه هو، اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ آهيان، مون کي باهه جو درياءَ پار ڪري هيستائين پهچڻو پيو. پوليس ٽريننگ سينٽر چوبنگ ۾ عورت اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ مريم نواز مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پوليس جي وردي پائي پريڊ جو معائنو ڪيو.مريم نواز چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڀينرن ۽ ڌيئرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ائين لڳي ٿو ته منهنجي محنت ڪامياب ٿي وئي، عورت پوليس اهلڪارن کي ڏسي خوشي ٿي آهي. وزيراعليٰ پنجاب چيو ته عورت پوليس اهلڪار گهر، آفيس ۽ معاشرتي ذميواريون ادا ڪري رهيون آهن. اڄ پهريون ڀيرو پوليس جي وردي پاتي ته احساس ٿيو ته اها ڪيتري وڏي ذميواري آهي، عورت پوليس آفيسر تعريف ڪرڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته عورتون هميشه نرمي جو مظاهرو ڪنديون آهن. عورتن جي نرمي مظلومن جي لاءِ هجڻ گهرجي اوهان سڀني جي اها ذميواري آهي ته مظلومن جي داد رسي ڪريو، مان انتقام تي يقين نٿي رکان.

پهنجو تبصرو موڪليو