وڏي عرصي بعد عيد الفطر تي 4 فلمون رليز

وڏي عرصي بعد عيد الفطر تي 4 فلمون رليز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فلمن جا شوقين چئن عيدن کانپوءِ عيد جي موقعي تي ۽ ٻن سالن ۾ پهريون ڀيرو مقامي فلمون ڏسڻ لاءِ سينما گهرن ۾ پهچي رهيا آهن. عيد الفطر جي موقعي تي صبا قمر ۽ زاهد احمد جي فلم ”گهبرانا نهين“، نيلم منير ۽ احسن خان جي فلم ”چڪر“، هانيا عامر ۽ علي رحمان جي ”پردي ۾ رهني دو“ ۽ عامر خان ۽ عمران اشرف جي فلم ”دم مستم“ ملڪ جي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون آهن. چئن فلمن جي ڪهاڻي ۽ ڪاسٽ سميت انهن جي گانن کي ساراهيو پيو وڃي ۽ عيد جي پهرين ڏينهن سڄي ملڪ جي سينما گهرن ۾ رش نظر اچي رهي آهي. سئنيما گهرن ۾ چئن عيدن کان پوءِ فلمن جي رليز ٿيڻ ۽ ڪورونا جي پابندي هٽائڻ سبب هن ڀيري ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي سينما گهرن تائين پهچي رهيا آهن. هر فلم جي پروڊيوسر جي دعويٰ آهي ته سندن فلم سپر هٽ رهندي پر ڏسجي ته شائقين ڪنهن کي پسند ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو