وڏيري جي حملي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، پوليس ڌر بڻيل

ٽنڊو محمدخان (ن س) يونين ڪائونسل شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ صديق ٽنگڙي جي رهائشين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڌڻي بخش ٽنگڙي ۽ شبير ٽنگڙي دانھيندي چيو ته ڳوٺ جو با اثر وڏيروعبدالڪريم پنھنجي ساٿين سميت اسان جي گھرن ۾ گھڙي اسان تي حملو ڪيو . جنھن جي نتيجي ۾ اسان جو ھڪ ماڻھو مرڻينگ آهي. اسان ان واقعي جي رپورٽ شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي ڪئي پر شيخ ڀرڪيو پوليس بااثر وڏيري جي خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري. ھنن ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مذڪوره جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو