وڌندڙ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽر بند هڙتال

ڪنڌڪوٽ(ن س ) ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاء شٽر بند هڙتال، ھندو پنچائت جي سڏ تي سڄي ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ شٽر بند ھڙتال۔ مغوي مکي جگديش ڪمار، معصوم جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاء هڙتال۔ ڪنڌڪوٽ ڪشمور بخشاپور بڊاڻي گڊو تنگوي ڪرمپور ۽ غوثپور ۾ ڪاروبار بلڪل بند، جيسيتائين مغوين کي بازياب نه ڪرايو ويندو ايتري تائين شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي جنهن ۾ هندو پنچائت سان گڏو گڏ شهر جي مختلف تنظيمن شهري اتحاد جي اڳواڻن، سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏوگڏ ڪاروباري، صحافي، وڪلا، سوشلسٽ ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي هڙتال ۾ موجود اڳواڻن ۽ شهرين جو چوڻ هو ته اسان جي ضلعي اندر گهڻي بد امني وڌي وئي آهي ڪو به شهري محفوظ ناهي ڦرون ڌاڙا اغوائون روز جو معمول بڻيل آهن نه اسان جي جان محفوظ آهي نه مال ۽ نه ئي عزت محفوظ آهي ڏينهن ڏٺي شهر مان ڪاروباري ماڻهن کان هٿيارن جي زور تي ڦر ٿئي ٿي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام روڊ رستن تي به محفوظ ناهي روڊن تان سرعام ماڻهن کان موٽر سائيڪلون موبائل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪن ٿا ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا ڏوهيارين مان پوليس جو خوف بلڪل ختم ٿي چڪو آهي جڏهن انهن جي دل گهري ٿي بنا خوف جي روڊ تي اچي واردات ڪري هليا وڃن ٿا
غوثپور :
غوثپور۔ شھر جي ھندو پئنچايت جي سڏ تي مغوين جي بازيابي ۽ بدامني خلاف مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي۔ ضلعي ڪشمور ۾ اغوا ڪاري۔ ڌاڙن ۽ ڦرن توڙي ضلعي جي مختلف شھرن مان اغوا ٿيل ڏھن ماڻھن جي بازيابي لا۽ اڄ ھندو پئنچايت جي سڏ تي پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال ۽ سيد سھيل احمد شاھ پهلوان اوڏ ڊاڪٽر پريم چند پريتم داس رام ماڙوائي سميت سول سوسائٽي ۽ ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي شھرين شھر جي مندر چوڪ کان مئن نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي امن امن کپي امن کپي۔ اغوا ڪاري بند ڪريو۔ ڌاڙا ڦرون بند ڪريو۔ جا نعرا ھڻندا رھيا۔ ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پينا فليڪس کڻي ڪشمور پوليس جي بي حسي خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن مکي سريش لال۔ چوڌري رميش لال۔ سيد سھيل شاھ۔ استاد برڪت علي ملڪ ۔ ثناء الله اوڳاھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوري ضلعي کي ڏوھارين حوالي ڪيو ويو آھي۔ نه ڪاروبار ڪري سگھون ٿا نه ٻار اسڪول موڪلي سگھون ٿا۔ عورتون رستن ۾ محفوظ ناھن۔ ھندو برادري جي مغوين کان ڪروڙين روپيه ڀنگ طلب ڪئي پئي وڃي۔ اسانکي تحفظ ڏنو وڃي۔ ھنن سنڌ ھا۽ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته ڪشمور ضلعي ۾ بدامني جو سوئو موٽو ائڪشن وٺي ۽ مکي جڳديش ڪمار۔ ساگر ڪمار۔ جئي ديپ۔ ڊاڪٽر منير نائچ سميت سڀني کي بازياب ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو