ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ماضي ۾ ڪي ڊي اي نه صرف سهولتن جي فراهمي ۾ صف اول رهيو پر سستي ۽ معياري رهائشي اسڪيمون متعارف ڪرائي ملڪ ۾ منفرد سڃاڻپ بڻائي ان روايت کي برقرار رکندي بلدديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي ڪراچي سيد محمد علي شاهه ڪراچي شهرين جي لاءِ اڄ رهائشي اسڪيم پيپلز اسڪائي ويو اپارٽمينٽ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رحماني، وزيراعليٰ سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ ۽ سيڪريٽري بلديات نجم احمد شاهه، ايم سي ڪي ايم سي سيد سجاد حسين موجود هئا. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت وچولي طبقي کي رهائشي سهولتن سميت بنيادي سهولتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پيپلز اسڪائي ويو اپارٽمينٽس منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين سنڌ حڪومت جي ڪي ڊي اي پاران ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو. ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد محمد علي شاهه، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وچولي طبقي کي رهائشي سهولت ڏيڻ لاءِ هو ميگا پراجيڪٽ جي منصوبابندي مڪمل ڪري سنڌ حڪومت سان ذاتي طور تي رابطو ڪيو. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير جي ذاتي دلچسپي سبب گورننگ باڊي کان منظور حاصل ڪئي وئي. ڪي ڊي اي اسڪيم 41، سرجاني ٽائون سيڪٽر 7 بي ۾ پهريون گهڻ ماڙ منزلون ماحول دوست رهائشي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي عمل مختصر وقت ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ادارو پنهنجي سمورن وسيلن جي ڀرپور استعمال کي يقيني بڻائيندو. ڪنسلٽنٽ پيپلز اسڪائي ويو عاطف نظير تفصيلات کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته رهائشي منصوبي ۾ جديد ۽ تيز رفتار لفٽس، اسٽينڊ بائي جنريٽر، بائونڊري وال مسجد، پارڪ، پلي لينڊ، جمنازيم سميت تمام ضروري بنيادي رهائشي سهولتن جي فراهمي کي ممڪن بڻايو ويندو. رهائشي اسڪيم پيپلز اسڪائي ويو اپارٽمنٽ 25 فلورن۾ چار ٽاور، 2 ۽ 3 ڪمرن جا 1700 کان وڌيڪ فليٽ، ڊبل بيسمينٽ تي مشتمل هوندا، جتي هر فليٽ ۾ ڪار پارڪنگ جي سهولت 2000 کان وڌيڪ ڪار پارڪنگ جي سهولت سان گڏ 2000 هزار کان گاڏين جي پارڪنگ ۽ مهمانن لاءِ هر ٽاور ۾ مهمانن لاءِ وسيع ۽ عريض ڪشاده استقباليه تعمير ڪيو ويندو. ڪي ڊي اي بي گهر خاندانن لاءِ فليٽن جي قيمت آسان قسطن ۾ ادائگي سهولت کي به ترجيح ڏني آهي. ڪراچي شهر جي رهواسين کي سستي ۽ بنيادي رهائشي سهولتن جي فراهمي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ميمبر فنانس ڪي ڊي اي محمد ڪاشف خان، سيڪريٽري ڪي ڊي اي خالد ظفر هاشمي، چيف انجنيئر ڪي ڊي اي نديم اقبال، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پيپلز اسڪائي، طارق رفيع، ان موقعي تي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شمس الحق، ڊائريڪٽر ريڪوري رضا قائمخاني، پيپلز ليبر يونين جو سربراهه محمد اشرف، سياسي اڳواڻ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.
