ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان پولارڊ پاران آءِ پي ايل مان رٽائرمينٽ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ڪيرون پولارڊ به انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيرون پولارڊ آءِ پي ايل مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته ريٽائرمينٽ جو فيصلو منهنجي لاءِ آسان نه هو، مان وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو.”جيڪڏهن مان ممبئي انڊينز لاءِ کيڏي نٿو سگهان ته مان انهن خلاف کيڏڻ نه چاهيندس،“ اڳوڻي بيٽنگ آل رائونڊر ڪيرون پولارڊ چيو آهي ته ممبئي انڊينز سان منهنجو لاڳاپو ختم ناهي ٿيو، هاڻي بيٽنگ ڪوچ طور ٽيم سان گڏ ويندس.

پهنجو تبصرو موڪليو