ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) ٽنڊومحمدخان بدين روڊ تي ويسريا چيڪ پوسٽ وٽ تيز رفتاري سبب وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي وئي. جنهن سبب 4 ماڻهو محمد عالم ۔ محمد ادريس۔ سميع ۔ محمد نديم سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع ملڻ تي ويسريا چيڪ پوسٽ تي موجود پوليس اهلڪارن مقامي ماڻهن جي مدد سان زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










