وياجي ڀائرن زمين تي قبضو ڪيو آهي، ڳوٺاڻو

ڪنب (صفدرچانڊيو) ڳوٺ حاجي نواب وساڻ جي مسڪين رهواسي تاج محمد وساڻ وياجي ڀائرن جي ظلم کان تنگ ٿي دانهيندي الزام هڻندي چيو آھي ته منهنجا وياجي ڀائر پوليس اهلڪار جنسار علي وساڻ، ماستر علي شير وساڻ منهنجي ذاتي ستن جريبن تي قبضو ڪيو ويٺا آھن  جڏھن ته مون کي ۽ منهنجي پٽ اسد لله وساڻ کي موت مار ڌمڪيون ۽ ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ رات جو هٿياربند ويهارين ٿا اسان کي جان جو خطرو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.  هن ايس ايس پي خيرپور،اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ، ايم پي اي منورعلي وساڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته وياجين ۽ قبضا خورن خلاف ڪارروائي ڪري منهنجي ذاتي زمين آجي ڪرائي ڏني وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار جنسارعلي وساڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي ڊيوٽي اڀن شاه سرڪار تي آهي زمين تي قبضي جا الزام بي بنياد آھن ڀلي انڪوائري ڪئي وڃي باقي زمين جا کاتا وڏڙن هرهڪ کي الڳ ڪري ڏنا آھن جنهن جا دستاويز موجود آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو