ووٽ نه ڏيڻ تان وڏيري پاران ڳوٺاڻن جي پيئڻ جو پاڻي بند

ووٽ نه ڏيڻ تان وڏيري پاران ڳوٺاڻن جي پيئڻ جو پاڻي بند

چيلهار(ساجد نهڙيو) ڳوٺ ارنرو جي ڳوٺاڻن نصرالله مڱريو.عالم مڱريو. مبارڪ. ابراهيم. ولي محمد. نواز علي . عمر ۽ ٻين ڳوٺاڻن خالي دلا ۽ برتن کڻي وڏيري پاران پاڻي نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو. هنن ٻڌايو ته وڏيري لال محمد مڱريو  ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻي جي سهولت خاطر يونين ڪائونسل جي بجيٽ مان مليل ثمر پمپ پنهنجي ذاتي کوهه تي لڳائي لوڙھو ڏيئي ڇڏيو  آهي ۽ ڳوٺاڻن کي پاڻي ڀرڻ نٿو ڏئي. اسانجي ڪافي دانهڻ بعد ٻيهر يونين ڪائونسل هڪ ٻيو پمپ منظور ڪيو جيڪو پڻ بااثر وڏيري لال محمد قبضي ڪري ورتو آهي ۽ ڳوٺاڻن کي پاڻي ڀرڻ نٿو ڏئي. ان پمپ تي سولر پليٽون به لڳل هيون جيڪي هن لاهي گهر م رکيون آهن. هو چوي ٿو ته اوهين اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏنا هئا. ڳوٺاڻن جي احتجاج وقت  يونين ڪائونسل ڪانٽيو جي عورت ميمبر جمالان  چيو آھي ته بااثر وڏيرو هنن سان ظلم ڪري رهيو آھي ۽ هن کي ماضي ۾ جيڪو سولر ثمر پمپ مليو آھي اهو منهنجي ڪوٽا مان مليو هو. يونين ڪائونسل ڪانٽيو جي چيئرمين سڪندر سميجو رابطي ڪرڻ تي چيو ته مون مقامي ايم پي اي جي چٺي تي لال محمد مڱريو کي ثمر پمپ  ڏنو آھي ڪٿي ٿو لڳائي ان سان آئون ٻڌل ناهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو