وفاق سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجھي ڦرلٽ بند ڪري

حيدرآباد (پ ر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح ۽ مرڪزي اڳواڻ دائود ڏاھري پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ خصوصي سرمائيڪاري سھولتڪاري ڪائونسل سنڌ جي زمينن جي نيلامي لاءِ غيرقانوني طور ٺاھي وئي آھي، ڪائونسل جي ايپيڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ ملڪ خصوصن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ معدنيات جي کوٽائي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جنھن کي سنڌ سميت ملڪ جو جمھوريت پسند عوام ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندو. سنڌ جا قدرتي وسيلا سنڌي عوام جي گڏيل ملڪيت آھن، سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي وفاق جو قبضو قائد اعظم جي پاڪستان جو قتل آھي. 1940ع جي قرارداد تحت سنڌ ھڪ خومختيار ۽ آزاد رياست آھي، وفاق سنڌ کي پنھنجو فتح ڪيل علائقو سمجھي ڦرلٽ جو سلسلو بند ڪري، “ڊجيٽل آدمشماري، زمينن تي قبضن، وسيلن جي نيلامي ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف” جي عنوان سان عوامي تحريڪ طرفان پھرين سيپٽمبر 2023ع تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ اعلانيل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي صحافين، وڪيلن ۽ قلمڪارن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اياز صالح پليجو جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ودفد حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي صدر اقبال ملاح ۽ جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش کي دعوت ڏني، حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي اڳواڻن شرڪت جو يقين ڏياريو ۽ چيو تہ سنڌ جي مزاحمتي عوامي جدوجھد سان سھڪار ڪبو. ٻي پاسي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، علي محمد وڪي ۽ محرم مگسي سينيئر صحافي شبير نظاماڻي، عزيز راڄڙ، الطاف ڏھراج، راشد لغاري، نصير چنہ ۽ ٻين صحافين ۽ قلمڪارن سان ملاقاتون ڪري کين ڪانفرنس ۾ شرڪت جون دعوتون ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو