وفاقي وزيرن کان اضافي سيڪورٽي واپس ٿي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي وزيرن کان اضافي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن ۽ اسلام آباد پوليس ڪيترن ئي وفاقي وزيرن کان اضافي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي، آءِ جي قاضي جميل الرحمان جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات بعد اضافي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي، جن وفاقي وزيرن کان اضافي سيڪيورٽي ورتي وئي انهن مان شيرين مزاري ۽ پرويز خٽڪ به شامل آهن، وفاقي وزيرن جي سيڪيورٽي تي 5 اهلڪارن مان 3 اهلڪارن کي واپس گهرايو ويو آهي، وفاقي وزيرن سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ هاڻي اسلام آباد پوليس جا صرف 2 اهلڪار موجود هوندا، سينيٽ چيئرمين کي ڏنل اضافي نفري برقرار رهندي، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي ڏنل اضافي نفري ۾ به گهٽائي وئي آهي، ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ پروٽوڪول گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو