وفاقي محتسب جو ايف بي آر انتظاميه خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) از خود نوٽيس وٺندي فيڊريل بورڊ آف روينيو ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته 2011 کان 2014 وچ ۾ لکين جعلي سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي منظوري ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪري. ڊائريڪٽوريٽ جنرل (ڊي جي) انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن آف ان لينڊ روينيو ايف بي آر طرفان انڪشاف ڪيو ويو هو ته 4 ڪيسن ۾ ٽيڪس انتظاميه قانون جي خلاف ورزي ڪندي 6 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌين ري فنڊ جي رقم جاري ڪئي. نوٽيس ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪريسنٽ ۽ ياسدان ٽريڊرز انٽرنيشنل کي 4 ڪروڙ 69 لک رپين کان وڌيڪ، اي زيڊ کي 75 لک، سيليڪون انٽرنيشنل کي 54 لک 58 هزار ۽ امهارڪ ٽريڊرز کي 41 لک 20 هزار رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا.  ايف ٽي او جي تحقيقات ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊي جي آءِ ۽ آءِ آءِ آر معاملو سامهون اچڻ تي لاڳاپيل انتظاميه کي ريڊ الرٽس جاري ڪيا هئا پر ايف بي آر ۾ ان جعلي دعويدارن ۽ ان جو ساٿ ڏيندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ان کان علاوهه پاڪستان روينيو اٿارٽي لميٽڊ مينيجمينٽ لاڳاپيل بينڪ آفيسرن خلاف ڪا به ڪارروائي تجويز نه ڪئي جنهن بينڪ اڪائونٽ کوليا جنهن ذريعي ريفنڊز چيڪ تيار ڪيا. ان سان گڏوگڏ ڊي جي آءِ ۽ آءِ آءِ آر ٽيڪس چوري جهڙي اهم معاملي تي ايف بي آر جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريو هو. ٻئي طرف ايف ٽياو جي انڪشافن کان خبر پوي ٿي ته ايف بي آر جي عملي ملي ڀڳت سان جعلي ماڻهن جي رجسٽرڊ ڪئي جڏهن ته جعلي ۽ فلائنگ ووچر جي بنياد تي ريفنڊ جي دعويٰ ڪئي وئي جنهن ۾ جنهن جي ڪري خساري جي حامل اداري کي وڌيڪ نقصان پهتو. جيتوڻيڪ ڊي جي آءِ ۽ آءِ آءِ آر ڪراچي الرٽ جاري ڪيو پر ايف بي آر انتظاميه کي ان صورتحال جي سنجيدگي جو احساس نه ٿيو. تحقيقات ۾ ٻڌايو ويو ته رجسٽرڊ ماڻهن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ کان علاوهه ڪروڙين رپين جي رقم جي واپسي لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي. ان کان علاوهه ايف بي آر پنهنجي اداري اندر ۽ ٻاهر جعلي رجسٽرڊ ماڻهن جي سيلز ٽيڪس رجسٽريشن ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ به ناڪام رهيا. واضح رهي ته رقم جي واپسي جي رجسٽريشن آسان ڪم نه هيو جنهن لاءِ ٽيم ورڪ جي ضرورت هئي ان پوري عمل ۾ ايف بي آڙ ۽ بينڪ انتظاميه شامل هوندا آهن. ايف ٽي او مطابق سي سي آءِ آر آر ٽي او ٿري ڪراچي صرف اهو چئي ذميواري کان پاڻ کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته آر ٽي او طرفان ريڊ الرٽ موصول ناهي ٿيو. ايف ٽي او چيو ته ريفنڊز جي وصولي ۾ ناڪامي ۽ ملزمن خلاف ڪارروائي شروع نه ڪرڻ جي سلسلي ۾ سي آءِ آر آڙ ٽي او ٿري ڪراچي جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. ان کان علاوهه ايف ٽي او جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهوسڄو بدعنواني جو معاملو آهي جتي رجسٽرڊ ماڻهن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ کان علاوهه ايف بي آر رقم جي واپسي لاءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. اها به حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڊي جي آءِ اينڊ آءِ آر جعلي سرگرمين جو پتو لڳائڻ کان پوءِ ريڊ الرٽس جاري ڪيا پر ان معاملي جي پيروي نه ڪئي وئي.  

پهنجو تبصرو موڪليو