وفاقي حڪومت پاران عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان

وفاقي حڪومت پاران عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب وفاقي حڪومت عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 17 کان 19 جون تائين موڪلن جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا ڊويزن جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪابينا ڊويزن عيد الاضحيٰ جي موڪلن جي سمري وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي موڪلي ڇڏي آهي.واضح رهي ته سڄي پاڪستان ۾ عيدالفطر 17 جون سومر تي ملهائي ويندي.وفاقي حڪومت جي اعلان کانپوءِ ادارن ۾ عيد الاضحيٰ تي 4 موڪلون هونديون جن ۾ آچر تي هفتيوار موڪل هوندي.جن ادارن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي هفتيوار موڪل هوندي آهي انهن ۾ بقر عيد جي موقعي تي 5 ڏينهن موڪل هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو