وفاقي حڪومت جو ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب ڪابينا ڊويزن ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ جي حوالي سان سڀني وزارتن کان راءِ گهري ورتي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني وزارتن کان راءِ ملڻ تي وفاقي ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي.ڪابينا ڊويزن ذريعن موجب ڇنڇر جي موڪل سان ملندڙ نتيجا سٺا ناهن، موڪل ختم ڪرڻ تي غور عيدالاضحيٰ کانپوءِ ڪابينا اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو