حڪومت اسان تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن، عمر ايوب

حڪومت اسان تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن، عمر ايوب

پشاور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته وفاقي حڪومت اسان تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اسان جي ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي وئي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، اسان سان دوکو ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته اڄ خاص ڪميٽي جو اجلاس سڏايو ويو آهي، اسان اتي نٿا پهچي سگهون، اسان کي ڌمڪيون ڏيندڙ محسن نقوي علي امين گنڊاپور جي پيرن تي ويٺو آهي.عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي کاڌي پيتي جو مسئلو آهي ۽ شاهه محمود کي به صحت جو مسئلو آهي.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته سندس ڀيڻ کي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.بئريسٽر سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي 5 ڏينهن لاءِ اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو