وطن خاطر جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا عظيم شئي ناهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته وطن خاطر جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا عظيم شئي ناهي، شهيدن جون قربانيون اسان جو عزم مضبوط ڪن ٿيون. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ فوجي اهلڪارن کي اعزاز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته قوم جي آزادي ۽ سلامتي پنهنجي بهادر ويڙهاڪن جي قربانين جي ڪري آهي، شهيد ۽ غازي اسان جا قومي هيرو آهن، اسان جي شهيد حقيقت ۾ قوم لاءِ اميد ۽ مضبوطي جو ڪرڻو آهن. هن آپريشنز دوران بهادري ڏيکاريندڙ فوجي اهلڪارن کي اعزاز ڏنا، آفيسرن ۽ جوانن کي ميڊلز، ستارا امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا تمغه سندن گهر ڀاتين وصول ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو