وزيرستان ۾ فوج سان جهڙپ ۾ 4 دهشتگرد قتل

وزيرستان ۾ فوج سان جهڙپ ۾ 4 دهشتگرد قتل

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ پاڪ فوج سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ سرگرم هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو