وزيراعظم 28 کان 30 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو

وزيراعظم 28 کان 30 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف 28 کان 30 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي. هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون پرڏيهي ملڪ جو دورو هوندو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم سان گڏ ڪابينه جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري دوران مختلف شعبن ۾ بطرفن لاڳاپن کي هٿي ملندي. دوري سان ٻطرفي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، سرمائيڪاري وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون. سعودي عرب ۾ پاڪستاني پورهيتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڌرين جي گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علاقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. پاڪستان سعودي عرب سان ڀائراڻا لاڳاپا، گڏيل اعتماد، تفهيم، ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن.سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو