پشاور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته وزيراعظم کي ترقي جي پنهنجي تعريف کي درست ڪرڻ گهرجي.ڳالهائيندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته جنهن ملڪ مان هڪ سال ۾ 18 لک ماڻهو نڪرندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري رهيو آهي؟ اسان جي دنيا تي عالمي سطح تي کل مسخري ڪئي پئي وڃي.شيخ وقاص اڪرم چيو ته پاڪستان کي حقيقي جمهوري قوتن جي ضرورت آهي، اهو آمريڪي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستاني وزيرن جي شرڪت ۽ رويي مان سمجهي ويو.










