اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ جي اسپيڪر ۽ چيئرمين کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ جي روشني ۾ وزيراعظم سينيٽ جي اسپيڪر ۽ چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ڪندو.










