لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان بابر اعظم کي چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته برسبين ٽيسٽ دوران وزيراعظم ۽ پي سي بي جي پيٽرن چيف مون کي ميسيج ڪيو جنهن ۾ ان طرفان نيڪ طمنائن جو اظهار بابر اعظم تائين پهچائڻ جو چيو. وسيم اڪرم سماجي ويب سائيٽ کي ٻڌايو ته عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بابر اعظم شاندار ٽيڪنڪ رکندڙ بيٽسمين آهي ان کي چوٿين نمبر تي کيڏڻ گهرجي. واضح رهي ته بابر اعظم برسبين ٽيسٽ ۾ مضبوط آسٽريلوي بالنگ اٽيڪ اڳيان ڀرپور مزاحمت ڪندي مشڪل وقت ۾ سينچري ٺاهي هئي ان باوجود به پاڪستاني ٽيم اننگز ۽ 5 رنسن جي شڪست کان نه بچي سگهي. سيريز جو ٻيو ۽ آخري ٽيسٽ 29 نومبر کان ايڊليڊ ۾ کيڏيو ويندو.
