راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ واڌ ڪري حڪومت عوام کان قرباني جو مطالبو ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌڻ گهرجي. حڪومت رليف نه ڏنو ته عوام مهانگي بجلي ۽ گيس جا بل ادا نه ڪندا.راولپنڊي ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ ڏنل 45 ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن. اسان تڪرار نه پر پرامن جدوجهد جا قائل آهيون، عوام جي سمنڊ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، 25 ڪروڙ عوام پنهنجو حق کسي وٺندا.هن چيو ته راولپنڊي 14 ڏينهن واري ڌرڻي جي ميزباني ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، حڪومت اسان کي 45 ڏينهن جو وقت ڏنو، هاڻي حڪومت وٽ 13 کان 14 ڏينهن آهن، 14 رپين جي رليف سان پنجاب ۾ ڪجهه نه ٿيندو، زميندارن تي نه ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ اشرافيه وسيلن تي قبضو ڪري ورتو آهي، عوام هزارين اربين رپيا بجليءَ لاءِ ادا ڪري ٿو جيڪا سندن لاءِ پيدا نه ٿي آهي.










