وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو

وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي وفد سان گڏ گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم سان گڏ ايندڙ وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي شامل آهن. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران، وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران، ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي بحث ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس موجب، وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ گهڻ طرفي تعاون کي فروغ ڏيندو. هي دورو پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي فروغ ڏيڻ، گڏيل دلچسپي جي موجوده شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ، ۽ خوشگوار ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نوان موقعا ڳولڻ جي گڏيل عزم جو اظهار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو