ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪوئٽه پهچي ويو آهي جتي هو مچ سانحي ۾ شهيد ٿي ويل پورهيتن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندو.وزيراعظم عمران خان نور خان ايئربيس کان ڪوئٽه جي لاءِ روانو ٿيو هو جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد به ان سان گڏ آهي. وزيراعظم عمران خان ڪوئٽه پهچڻ کان پوءِ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پهتو جتي پوليس جي دستن کيس سلام پيش ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت به ڪندو ۽ کيس مچ سانحي بابت بريفنگ به ڏني ويندي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪندو.ان کان علاوه وزيراعظم هزارا اڳوڻن سان به ملاقات ڪندو ۽ انهن جا خدشا ٻڌندو. ياد رهي ته 7 ڏينهن اڳ مچ ۾ نامعلوم هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيتن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو.










